امداد ڪانھيو

امداد ڪانھيو

امداد ڪانھيو

امداد ڪانھيو: ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪالم نويس امداد ڪانهيو جو پورو نالو امداد علي ولد خير محمد ڪانهيو آهي. هن 19 آڪٽوبر 1979ع تي ڳوٺ گل محمد ڪانهيو، ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ جنم ورتو. سندس تعليم بي. اي ۽ ايل. ايل بي آهي. عملي طور وڪالت جي پيشي سان سلھاڙيل ۽ بارڪائونسل، ميرپورخاص جو ميمبر آهي. 2015ع کان 2020ع تائين ’عوامي جمهوريه پارٽي‘ ۾ به رهيو. هن لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي. سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون، سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي ڪالم مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ’مان هِت جنم نه وٺندس‘ (2013ع) ۽ ناول ’آگم پريت‘ (2021ع) شايع ٿيل آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ، ميرپورخاص جو آڊيٽر ۽ سيڪريٽري رهي چڪو آهي. کيس ’انيس انصاري‘ اڪيڊمي طرفان 2013ع ۾ اوارڊ ۽ چانڊوڪي سٿ پاران 2022ع ۾ ’بھترين ڪھاڻيڪار‘ جو اوارڊ مليل آهن. هن وقت سنڌڙي، ضلعي ميرپورخاص ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.10.19  عيسوي

ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪالم نويس امداد ڪانهيو جو پورو نالو امداد علي ولد خير محمد ڪانهيو آهي. هن 19 آڪٽوبر 1979ع تي ڳوٺ گل محمد ڪانهيو، ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي غلام مصطفيٰ خان
ادريس جتوئي
ديو اُڌارام ناٿاڻي
استاد بيبو خان
حسينه معين
ڄام جکرو
قاضي سيف الدين
سرائي محمد صالح خان
احمد خان چانڊيو
ديندار خان بخاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون